حڪومت ٽيڪس گهٽ ڪرڻ وارو معاملو آءِ ايم ايف آڏو رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پگهاردار ۽ ڪارپوريٽ طبقي جي لاءِ گڏيل ٽيڪس رليف جي ڪجهه نڪتن کي انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ(آءِ ايم ايف) جي آڏو رکيو وڃي ته جيئن انهي تي عمل ٿي سگهي.

اها هدايت انهي وقت ڏني وئي جڏهن نجي شعبي جي سربراهي ۾ قائم انڪم ٽيڪس ريفارمس پينل 975 ارب روپين جي وڏي رليف پيڪيج جون سفارشون وزيراعظم آڏو پيش ڪيون. پينل جي سفارشن ۾ پگهاردار طبقي تي ٽيڪس بار ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي، انڪم ٽيڪس سرچارج جو خاتمو ۽ غير ملڪي اثاثن تي لڳايل ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس جي واپسي شامل آهي.

ذريعن موجب انهن تجويزن مان فوري رليف جو اندازو 600 ارب روپين کان وڌيڪ آهي پر حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام جي گهرجن سبب صرف اهي ئي قدم کڻندي جن جي منظوري آءِ ايم ايف ڏيندو.

ورڪنگ گروپ جي چيئرمين شهزاد سليم سفارشون وزيراعظم آڏو پيش ڪيو، جڏهن ته اجلاس ۾ عمومي اتفاق راءِ اهو طئي ڪيو ويو ته سڀني کان پهريان اهڙا ٽيڪس ختم ڪيا وڃن جن کي غير منصفاڻو قرار ڏنو پيو وڃي جن ۾ سپر ٽيڪس، منيمم انڪم ٽيڪس، ڪارپوريٽ ڊيويڊنڊٽيڪس، سنڌ انفراسٽر ڪچرسيمس، پنجاب سيمس ايڪسپورٽرز تي ايڊوانس انڪم ٽيڪس ۽ ورڪرز ويلفيئر، پارٽيسپيشن ٽيڪس شامل آهن.

وزيراعظم آفيس موجب وزيراعظم ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا سفارشون قابل عمل بنائڻ جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪندي، ڪميٽي ۾ شهزاد سليم ۽ ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال ڪياني به شامل هوندا.

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪاروباري طبقو ٽيڪس مشينري جو آسان حدف بڻجي چڪو آهي ۽ ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ سپر ٽيڪس، وڊيويڊنڊ ٽيڪس جي خاتمي ۽ ڪارپوريٽ ٽيڪس ريٽ ۾ گهٽتائي ضروري آهي. تجويز موجب پگهاردار طبقي کي 120 ارب روپيه، سپر ٽيڪس جي خاتمي سان ڪارپوريٽ سيڪٽر کي 190 ارب روپيه جڏهن ته ڪارپوريٽ ٽيڪس ريٽ 25 سيڪڙو ڪرڻ سان 70 ارب جو رليف ملڻ جو امڪان آهي.

اهڙي طرح منيمم ٽيڪس ختم ڪرڻ ۽ ٻين ٽيڪسز جي خاتمي سان اربين روپين جو رليف ملندو. وزيراعظم چيو ته حڪومت برآمدي بنيادن تي اقتصادي ترقي جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي ۽ ٽيڪس نه ڏيندڙ ڪاروبارن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، مضبوط ڪاروبار ئي ٽيڪس آمدني ۾ اضافو ممڪن بنائيندا آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔