پاڪستان جو ليجنڊ ٽينس اسٽار اعصام الحق رٽائر ٿي ويو

لاهور : پاڪستان جو ليجنڊ ٽينس اسٽار اعصام الحق ٽينس ڪورٽ تان رٽائر ٿي ويو آهي. اسلام آباد ۾ اي ٽي پي چئلينجر ڪپ جو مردن جو ڊبلز فائنل اعصام الحق جي ڪيريئر جو آخري مقابلو هو.چئلينجر ڪپ جي مردن جي ڊبلز فائنل ۾، اعصام مزمل مرتضيٰ سان گڏ مخالف پيئر کان سڌي سيٽن ۾ هارائي ويو.اعصام الحق چيو ته هو پنهنجي مخالف پيئر کي سندس فتح تي مبارڪباد ڏئي ٿو ۽ پنهنجي ڪيريئر دوران پنهنجي خاندان ۽ ٻين جي حمايت لاءِ شڪرگذار آهي.هن چيو ته پاڪستان ٽينس فيڊريشن جي صدر جي حيثيت سان، هو نوجوان رانديگرن لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ اي ٽي پي ٽورنامينٽ جو انعقاد هڪ وڏي ڪاميابي هئي.ياد رهي ته اعصام الحق تازو ئي پيشيور ٽينس تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو آهي.

تبصرے بند ہیں۔