اسلام آباد حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو،پيٽروليم ڊويزن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي بابت نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 2 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 263.45 رپيا في ليٽر ٿي ويندي.هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 4.79 رپيا گهٽجي 279.64 رپيا ٿي وئي آهي.پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندي.
تبصرے بند ہیں۔