ڪراچيءَ مان عالمي موقعن ڏانهن پهرين وِکَ

نوجوانن ۽ اُڀرندڙ ڪاروباري فردن لاءِ ويسٽرن يونين جو خاص ايونٽ

ڪراچي: ڪراچي جي نوجوان  پاران ڪاروباري ماڻهن، فري لانسرز ۽ اسٽارٽ اپ بانيُن لاءِ هڪ اهم موقعو پيدا ڪيو آهي، جتي اهي نه صرف عالمي منڊين تائين رسائي جا طريقا سکندا، پر ملڪي ۽ عالمي ماهرن کان سڌي رهنمائي پڻ حاصل ڪري سگهندا. ويسٽرن يونين طرفان "انٽرپرينيورشپ بيس ڪيمپ" 6 ڊسمبر 2025ع تي منجهند 2 وڳي کان شام 6 وڳي تائين انووِسٽا انڊس (Innovista Indus)، ڪراچي ۾ منعقد ڪئي پئي وڃي.

هن ايونٽ جو مقصد نوجوانن کي ڪاروباري سفر ۾ هڪ معتبر ۽ بااعتماد پليٽفارم مهيا ڪرڻ آهي، جتي هو ڪاروبار جي شروعات، ان جي واڌ ويجهه، ڊجيٽل فري لانسنگ، اي ڪامرس ۽ عالمي ڪسٽمر بيس تائين پهچ جا جديد طريقا سکڻ جو موقعو حاصل ڪندا. بيــس ڪيمپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي وسيع نيٽ ورڪنگ جا موقعا به ملندا، جڏهن ته تجربيڪار اڳواڻن ۽ نامور اسپيڪرن طرفان قيمتي مشورا ۽ حڪمتِ عملي تي ٻڌل رهنمائي پڻ ڏني ويندي.

انتظام ڪندڙن موجب، ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو تجارتي مرڪز هئڻ سبب نوجوانن کي عالمي سطح تي پنهنجو مقام ٺاهڻ لاءِ بيشمار موقعا فراهم ڪري ٿو، ۽ هي بيس ڪيمپ انهن موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪرڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي. هي پروگرام ويسٽرن يونين، مارڪ اپ ويلي (Markup Valley) ۽ واٽسن انسٽيٽيوٽ (Watson Institute) جي گڏيل ڪوشش آهي، جنهن جو مقصد ملڪ ۾ انٽرپرينيورشپ جي هڪ مضبوط ۽ پائيدار ايڪو سسٽم کي وڌائڻ آهي.

انتظام ڪندڙن مان علي نثار، وائيس آف سنڌ سان ڳالهائيندي چيو ته توڙي ڪو اسٽارٽ اپ شروع ڪرڻ وارو هجي، ڪو فري لانسر هجي يا ڪو پنهنجو ڪاروبار عالمي منڊي تائين وڌائڻ جو خواهشمند، هي ايونٽ هر اُن شخص لاءِ آهي جيڪو ترقي ڪرڻ چاهي ٿو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته محدود نشستون هئڻ سبب شرڪت ڪندڙن کي وقت سر رجسٽريشن ڪرڻ جي صلاح ڏني پئي وڃي.

تبصرے بند ہیں۔