پشاور: ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي ٿيل خود ڪش حملي ۾ استعمال ڪيل موٽر سائيڪل چوري جي ثابت ٿي آهي. سي ٽي ڊي 24 نومبر واري هن واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي ۽ ڪيترن ئي شڪي گرفتار ڪيل ماڻهن جا بيان قلمبند ڪيا آهن. سي ٽي ڊي موجب حملي دوران مارجي ويل ٽن دهشتگردن جي استعمال واري موٽر سائيڪل راولپنڊي مان چوري ڪئي وئي هئي، جنهن جو ڪيس به داخل آهي. ياد رهي ته هن حملي جا ٽئي جوابدار افغان شهري هئا. حملي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 10 ٻيا زخمي ٿيا هئا.
تبصرے بند ہیں۔