صدر سڀاڻي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس طلب ڪري ورتا

اسلام آباد: : صدر آصف علي زرداري سينيٽ (مٿيون ايوان) ۽ قومي اسيمبلي (هيٺيون ايوان) جا اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتا آهن.صدر 27 نومبر تي شام 4 وڳي سينيٽ جو اجلاس طلب ڪيو آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جو اجلاس شام 5 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. ٻنهي اجلاسن ۾ اهم قانون سازي ڪئي ويندي.وزيراعظم شهباز شريف جي صلاح تي صدر آصف زرداري اجلاس طلب ڪيا. ٻئي اجلاس صدر آئين جي آرٽيڪل 54 تحت طلب ڪيا آهن. اجلاس 10 ڏينهن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.ٻئي طرف، موجوده اجلاس دوران پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس به طلب ڪيو ويندو. اهي قانون جيڪي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي منظور نه ڪري سگهيا، انهن جي گڏيل اجلاس ذريعي منظوري ڏني ويندي.

تبصرے بند ہیں۔