فيصل آباد : فيصل آباد جي ملڪ پور علائقي ۾ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ بوائلر ڌماڪي ۾ 15 ماڻهو مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا.بوائلر ڌماڪي سبب فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي، ڌماڪو ايترو زوردار هو جو فيڪٽري ڪري پئي ۽ ڀرپاسي وارن گهرن جون ڇتيون ڪري پيون.ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، هاڻي تائين 14 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته هڪ زخمي شخص اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. 7 ماڻهن کي زخمي حالت ۾ بچايو ويو ۽ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي انهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.ريسڪيو اختيارين موجب، واقعي واري هنڌ تان ملبو هٽايو پيو وڃي، ۽ خدشو آهي ته فيڪٽري ۽ گهرن جي ملبي هيٺان وڌيڪ ماڻهو دٻجي سگهن ٿا.ڊپٽي ڪمشنر فيصل آباد نديم ناصر ريسڪيو آپريشن جي نگراني ڪري رهيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔