بنون، امن ڪميٽي جي آفيس تي دهشتگردن جو حملو، 7 ڄڻا مارجي ويا

بنون : بنون ۾ امن ڪميٽي جي آفيس تي دهشتگرد حملي ۾ ست ماڻهو مارجي ويا، پوليس موجب بنون جي هويد علائقي ۾ دهشتگردن امن ڪميٽي جي آفيس تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ ست ماڻهو مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿيو، پوليس چيو ته دهشتگردن رات جو امن ڪميٽي جي آفيس تي حملو ڪيو. حملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لاشن ۽ زخمين کي ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

تبصرے بند ہیں۔