اسلامڪ ساليڊريٽي گيمز: ارشد نديم گولڊ ميڊل کٽي ورتو

دبئي :پاڪستان جي اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم اسلامڪ سوليڊريٽي گيمز جي جيولن ٿرو ايونٽ ۾ سون جو تمغو کٽي ورتو، ارشد نديم 83.05 ميٽر جي ٿرو سان سون جو تمغو کٽيو، جڏهن ته پاڪستان جي محمد ياسر سلطان 76.04 ميٽر جي ٿرو سان چاندي جو تمغو کٽيو، جڏهن ته نائيجيريا جو سيموئل ايڊمز ٽئين نمبر تي رهيو.اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو ۽ اسلامڪ سوليڊريٽي گيمز جي جيولن ٿرو ايونٽ ۾ 83.05 جي ڊگهي ٿرو سان سون جو تمغو کٽيو.پاڪستان جي ياسر سلطان پنهنجي ڇهين ڪوشش ۾ 76.04 ميٽر جي ٿرو سان چاندي جو تمغو کٽيو. نائيجيريا جو سيموئل ايڊمز 76.01 ميٽر جي ٿرو سان ٽئين نمبر تي رهيو.ارشد اڳ ۾ اولمپڪس ۽ ايشيائي چيمپئن شپ ۾ سون جو تمغو کٽي چڪو آهي.

تبصرے بند ہیں۔