مظفرآباد: آزاد جمون ڪشمير جي 20 رڪني ڪابينه حلف کڻي ورتو، صدر بيرسٽر سلطان محمود جي بيمار هجڻ سبب اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر ڪابينه جي ميمبرن کان حلف ورتو.
آزاد ڪشمير جو وزيراعظم راجه فيصل ممتاز راٺوڙ به حلف برداري تقريب ۾ موجود هو. حلف کڻندڙن ۾ 18 وزير ۽ 2 صلاحڪار شامل آهن. وزيراعظم صلاحڪارن کان انهي جي عهدي جو حلف ورتو.
وزيرن ۾ سردار جاويد ايوب، ميان وحيد، جاويد بڊهانوي، ملڪ ظفر، ديوان چغتائي، چوڌري ارشد، قاسم مجيد، ضياءُالقمر، چوڌري رشيد، نبيله ايوب، رفيق نيئر، ياسر سلطان، بازل نقوي، عامر ياسين، محمد حسين چوڌري، اخلاق فهم، اختر رباني، علي شان سوني جڏهن ته صلاحڪارن ۾ فهد يعقوب ۽ احمد صغير شامل آهن.
ياد رهي ته آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ گذريل ڏينهن پنهنجي عهدي جو حلف کنيو هو. حلف برداري تقريب ۾ گلگت بلتستان جي گورنر، خيبرپختونخواهه جي گورنر، فريال ٽالپر، اسيمبلي ميمبرن سميت اعليٰ سول قيادت ۽ عسڪري اختيارين شرڪت ڪئي هئي.
تبصرے بند ہیں۔