ڪرنٽ لڳڻ سبب 30 فوتگيون، بجلي جي 3 ورهاست ڪندڙ ڪمپنين تي 5 ڪروڙ 75 لک روپيه ڏنڊ لاڳو

لاهور:  پنجاب جي 3 بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين تي ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل 30 فوتگين تي 5 ڪروڙ 75 لک روپيه ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.

نيپرا طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب 2023-24 جي دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب 30 فوتگيون ٿيون، انهي وقت دوران ليسڪو ۾ 13، گيپڪو ۾ 9 ۽ فيسڪو ريجن ۾ 8 فوتگيون ٿيون.

فوتگين کي نظر ۾ رکندي نيپرا ليسڪو، گيپڪو ۽ فيسڪو تي 5 ڪروڙ 75 لک روپيه ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. نيپرا جي پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ليسڪو تي 3 ڪروڙ روپيه، گيپڪو تي هڪ ڪروڙ 75 لک روپيه جڏهن ته فيسڪو تي هڪ ڪروڙ روپين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. نيپرا پڌرائي موجب لاڳاپيل ڪمپنيون 15 ڏينهن ۾ ڏنڊ جي رقم نامزد بينڪن ۾ جمع ڪرائين.

تبصرے بند ہیں۔