27هين آئيني ترميم کان پوءِ سپريم جوڊيشل ڪونسل، جوڊيشل ڪميشن ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جي نئين سري سان جوڙجڪ

اسلام آباد: هين آئيني ترميم جي نتيجي ۾ سپريم جوڊيشل ڪونسل، جوڊيشل ڪميشن ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جي نئين سري سان جوڙجڪ ڪئي وئي.

سپريم ڪورٽ پڌرائي جاري ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ طرفان جاري پڌرائي موجب ٻنهي چيف جسٽس جي مشاورت سان جسٽس جمال خان مندوخيل، سپريم ڪورٽ جوڊيشل ڪونسل جو ميمبر بڻجي ويو.

جسٽس عامر فاروق جوڊيشل ڪميشن جو ميمبر نامزد ڪيو ويو. جسٽس جمال خان مندوخيل پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جو ميمبر نامزد ڪيو ويو. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم جوڊيشل ڪونسل جو سربراهه هوندو.

چيف جسٽس امين الدين خان جوڊيشل ڪونسل جو ٻيو سينئر ميمبر هوندو. جسٽس منيب اختر جسٽس حسن رضوي، جسٽس جمال مندوخيل جوڊيشل ڪونسل جو ميمبر هوندو، جسٽس مندوخيل جي نامزدگي ٻنهي چيف جسٽس سان مشاورت کان پوءِ ڪئي وئي.

چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جوڊيشل ڪميشن جو سربراهه هوندو. چيف جسٽس امين خان جسٽس منيب اختر ڪميشن جو ميمبر هوندو، جسٽس حسن رضوي، جسٽس عامر فاروق جوڊيشل ڪميشن جو ميمبر بڻجي ويو.

انهي کان علاوه قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل منصور اعواڻ ڪميشن جو ميمبر هوندو، حڪومت ۽ اپوزيشن جا 2-2 ميمبر پارليامينٽ ڪميشن جا ميمبر هوندا، پاڪستان بار ڪونسل جو نامزد وڪيل ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان نامزد عورت ڪميشن جي ميمبر هوندي.

تبصرے بند ہیں۔