خلائي تحقيقاتي گاڏين کي صدين تائين سگهه فراهم ڪندڙ تيل

ڪراچي : سائنسدان مستقبل جي خلائي جهازن لاءِ اميريشئم نالي تيل استعمال ڪرڻ تي تي غور ڪري رهيا آهن. هي تيل دريافت ته 1944 ۾ ٿيو هو پر مختلف سببن جي ڪري ان تي وڌيڪ تحقيق اڳتي نه وڌي سگهي هئي. هن مهل تائين خلائي گاڏين ۾ پلوٽينيم نالي تيل استعمال ڪيو پيو وڃي. سن 1977 ۾ ٻه خلائي جهاز ــ وائجر 1 ۽ وائجر 2 ــ اڻڄاتل خلائن ڏانهن روانا ٿيا هئا. لڳ ڀڳ پنجاهه سال پوءِ به اهي زنده آهن ۽ مختلف سيارن جي خلا جي ڪنڊ تي بيٺل آهن، ۽ اڃا تائين ڌرتي ڏانهن ڪمزور سگنل موڪلي رهيا آهن. انهن جي اهڙي ڊگهي عمر جو سبب سولر پينل يا بيٽريون نه آهن، جيڪي ته ڏهاڪا اڳ ئي ناڪام ٿي وڃن ها. اصل طاقت جو ذريعو هڪ ننڍڙو ايٽمي توانائي وارو نظام آهي. پلوٽونيم-238 کي ريڊيو آئسوٽوپ ٿرمو اليڪٽرڪ جنريٽرز (RTGs) ۾ ڀريو ويندو آهي. هاڻي سائنسدانن جو خيال آهي ته هڪ نئون تيل اميريشيئم (Americium) ــ خلائي تحقيق جي مستقبل کي مڪمل طور تبديل ڪري سگهي ٿو. اهو خلائي مشنز کي ڏهاڪن نه پر صدين تائين طاقت فراهم ڪري سگهي ٿو. اهو تيل مختلف ملڪن کي محدود پلوٽونيم تي ڀاڙڻ کان آزاد ڪري سگهي ٿو. ۽ اهو اهڙا خلائي جهاز ممڪن بڻائي سگهي ٿو، جيڪي ستارن جي وچ ۾ صدين تائين ترندا رهن ۽ ڪائنات جي رازن بابت معلومات ڌرتي تي موڪليندا رهن. هن مستقبل جي خلائي جهازن جي تيل کي سمجهڻ لاءِ هڪ سادي ڳالهه کان شروعات ڪرڻي پوندي:

تبصرے بند ہیں۔