اسلام آباد: وفاقي حڪومت پيٽرول تي ليوي ۾ 60 پئسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ پيٽرول تي ليوي 79.62 رپيا ٿي وئي آهي.پيٽرول ليوي 16 نومبر کان لاڳو ڪئي وئي آهي. دستاويز موجب، حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي پيٽرول ليوي ۾ هڪ رپيو 60 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي آهي، جنهن کان پوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي پيٽرول ليوي 75.41 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي، جيڪا اڳ ۾ 77.1 رپيا في ليٽر هئي.
تبصرے بند ہیں۔