تاجڪ وزير جي فيلڊ مارشل سان ملاقات، تعاون وڌائڻ جو ورجاءُ

راولپنڊي :تاجڪ دفاع واري وزير ڪرنل جنرل صابرزاده امام علي عبدالله رحيم جنرل هيڊ ڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي جو دورو ڪيو جتي هن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، ملاقات ۾ باهمي دلچسپي، علائقائي سلامتي ۽ ٻطرفي دفاعي تعاون جي معاملن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن ٻنهي فوجن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.آءِ ايس پي آر جي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات دوران فوجي تربيت، دهشتگردي جي خاتمي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جهڙن اهم شعبن تي به اتفاق راءِ ٿيو.تاجڪ دفاع واري وزير، پاڪستاني فوج جي پيشيورانه صلاحيتن ۽ علائقائي امن ۾ ان جي ڪردار جي تمام گهڻي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.ان موقعي تي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير دفاع ۽ سيڪيورٽي شعبن ۾ تاجڪستان سان تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو، خطي جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو.

تبصرے بند ہیں۔