گووندا جي طبيعت خراب، اسپتال منتقل

ممبئي : بالي ووڊ سپر اسٽار گووندا کي ممبئي ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي بي هوش ٿيڻ کان پوءِ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، 61 سالن جي گووندا گذريل رات پنهنجي گهر ۾ اوچتو بيمار ٿي پيو، جنهن کان پوءِ کيس جوهو ۾ ڪرٽيڪل ڪيئر اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.گووندا جي ڊگهي عرصي جي دوست ۽ قانوني صلاحڪار لليت بندل ڀارتي ميڊيا کي ٻڌايو ته ‘گذريل رات کيس اطلاع ڏنو ويو ته گووندا پنهنجي گهر ۾ بي هوش ٿي ويو آهي. گووندا جي حالت اوچتو خراب ٿيڻ کان پوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان دوران ڪجهه ٽيسٽ پڻ ڪيا ويا، جن جي نتيجن جو انتظار آهي.’

تبصرے بند ہیں۔