27 هين آئيني ترميمي بل ۾ وڌيڪ ترميم جو فيصلو

اسلام آباد: حڪومت 27هين آئيني ترميمي بل ۾ وڌيڪ ترميم جو فيصلو ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب 27هين آئيني ترميم ۾ اضافي ترميم قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي، حڪومت ۽ اپوزيشن جون اضافي ترميمون ڌار فهرست ۾ موجود آهن. قومي اسيمبلي مان اضافي ترميم جي منظوري تي بل کي ٻيهر سينيٽ ڏانهن اماڻيو ويندو.سينيٽ اجلاس جو شيڊول به تبديل ڪيو ويو آهي، اجلاس هڪ ڏينهن اڳ طلب ڪيو ويو، سينيٽ اجلاس اڄ شام 5 وڳي گهرايو ويو. حڪومتي ذريعن 27هين آئيني ترميم ۾ وڌيڪ ترميم آڻڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، اپوزيشن 11 ترميمون به ايجنڊا ۾ شامل آهن. آئيني ترميم جي منظوري جي معاملي ۾ پي ٽي آءِ جي ناراض سينيٽر سيف الله ابڙو جي استعيفيٰ واري معاملي تي ڪارروائي روڪي وئي آهي. سينيٽر سيف الله ابڙو جي استعيفيٰ تي سينيٽ چيئرمين صحيحون نه ڪيون، آرٽيڪل 63 اي جي تحت ريفرنس به نه اماڻيو ويو آهي

تبصرے بند ہیں۔