2022 جي ٻوڏ کان پوءِ پاڪستان کي 16.3 ارب ڊالرن جي ضرورت هئي، مالي امداد اڃان تائين ناهي ملي: پاڪستاني هاءِ ڪمشنر

اسلام آباد:  برطانيه ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته 2022 جي ٻوڏ کان پوءِ پاڪستان کي بحالي جي لاءِ 16.3 ارب ڊالرن جي ضرورت هئي، عالمي واعدن جي باوجود اڃان تائين مالي امداد جاري ناهي ڪئي وئي.

برطانوي خبرون ڏيندڙ اداري ۾ لکيل مضمون ۾ ڊاڪٽر فيصل چيو ته پاڪستان کي 2030 تائين ڪلائيٽ اينڊ اپٽيشن جي لاءِ 15.2 ارب ڊالر جي ضرورت آهي. ترقي يافته ملڪن کي تعليم، صحت ۽ ترقياتي منصوبن جي بجاءِ هنگامي امداد تي وسيلا خرچ ڪرڻا پوندا آهن.

خصوصي مضمون ۾ ڊاڪٽر فيصل لکيو ته ترقي يافته ملڪن کي پنهنجي 100 ارب ڊالر سالياني جي واعدي کي پورو ۽ وڌائڻو پوندو. امداد کي قرضن جي بجاءِ گرانٽس ۽ نرم شرطن جي قرضن جي صورت ۾ فراهم ڪيو وڃي.

پاڪستاني هاءِ ڪمشنر چيو ته ڪاپ 28 ۾ قائم ڪيل لاس اينڊ ڊيميج فنڊ فوري فعال ڪيو وڃي. 2022 جي ٻوڏ کان پوءِ پاڪستان کي بحالي جي لاءِ 16.3 ارب ڊالر جي ضرورت هئي، عالمي واعدن جي باوجود اڃان تائين امداد جاري ناهي ڪئي وئي.

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔