ادارتي دير برداشت نه ڪئي ويندي ،ذاتي طور نجڪاري جي عمل جي نگراني ڪندس:وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد: :  وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ادارتي دير برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ذاتي طور تي نجڪاري جي عمل جي نگراني ڪندس، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ تجويز ڪيل سرڪاري ادارن جي نجڪاري بابت هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 24 مان 15 ادارن جي نجڪاري سان لاڳاپيل پيش رفت تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته نجڪاري جي عمل ۾ قومي مفاد، شفافيت ۽ ادارن جي پيشه ورانه صلاحيت ۾ بهتري کي يقيني بڻايو وڃي، ۽ نجڪاري جي عمل ۾ عالمي شهرت رکندڙ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، هن چيو ته سرڪاري ادارن جي اندروني صلاحيت کي وڌائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تحت فوري طور تي هر ممڪن قدم کنيا وڃن ۽ نجڪاري جي عمل ۾ شامل سرڪاري ادارن لاءِ بهترين ڊيل جو فيصلو ڪيو وڃي، شهباز شريف چيو ته نجڪاري جي عمل ۾ ادارتي ۽ انتظامي دير ۽ سرخ فيٿا برداشت نه ڪئي ويندي ۽ نجڪاري جي عمل ۽ ان جي پيش رفت جي نگراني لاءِ باقاعدي اجلاس منعقد ڪيا ويندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نجڪاري جي عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، غير فعال سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۾ انتظامي ۽ ادارتي پيچيدگين کان پاسو ڪيو وڃي جيڪي قومي خزاني تي بار آهن، اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري ڊويزن جو وفاقي وزير احد خان چيما، توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، ناڻي واري وزير مملڪتي بلال اظهر ڪياني ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔