عليمه خان جا گرفتاري وارنٽ جاري، عدالت گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

راولپنڊي:  پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي عدالت کيس گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

دهشتگردي جي انت واري عدالت راولپنڊي جي صادق آباد ٿاڻي ۾ داخل  26 نومبر احتجاج ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جا گرفتاري وارنٽ وارنٽ جاري ڪيا ويا. عدالت حڪم ڏنو ته عليمه خان کي گرفتار ڪري 11 آڪٽوبر تي پيش ڪيو وڃي.

ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج امجد علي شاهه  ڪئي. ڪيس ۾ عليمه خان تي اڄ فرد جرم لاڳو ڪرڻو هو پر هو عدالت ۾ پيش نه ٿئي، جنهن تي عدالت انهي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

انهي ڪيس ۾ شامل ٻيا 6 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا جن تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي پر جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي جنهن کان پوءِ عدالت عليمه خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي لاءِ نئين تاريخ 11 آڪٽوبر مقرر ڪري ڇڏي آهي.

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔