وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ٻوڏ نقصان ۽ آءِ ايم ايف جائزي تي آهي،گورنراسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي : گورنر اسٽيٽ بينڪ جميل احمد چيو آهي ته شرح سود ۾ گهٽتائي ٻوڏ جي نقصانن ۽ آءِ ايم ايف جي جائزي تي منحصر آهي، پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر اسٽيٽ بينڪ جميل احمد چيو ته مختصر مدت ۾ افراط زر جي شرح 5 کان 7 سيڪڙو جي هدف کان مٿي رهي سگهي ٿي، گورنر اسٽيٽ بينڪ چيو ته مجموعي افراط زر مرڪزي بينڪ جي هدف اندر رهندو ۽ سخت مالي پاليسي افراط زر کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته سخت مالي پاليسي مستقبل ۾ به فائديمند رهندي، ۽ مالي ۽ معاشي پاليسين جي وچ ۾ هم آهنگي سٺا نتيجا ڏئي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔