گلوبل صمود فلوٽيلا جا وڌيڪ 131 ميمبر ڊي پي پورٽ، اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد به آزاد

تل ابيب:  جماعت اسلامي جي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد کي اسرائيل جي قيد مان آزاد ڪيو ويو. رپورٽ موجب اسرائيل اڳوڻي پاڪستاني سينيٽر مشتاق احمد سميت گلوبل صمود فلوٽيلا جي وڌيڪ 131 ميمبرن کي ڊي پورٽ ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ انهن ماڻهن کي اردن پهچايو ويو.

اڳوڻي سينيٽر مشتاق جي آزادي واري خبر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به تصديق ڪري ڇڏي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته مون کي انهي ڳالهه جي تصديق ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته اڳوڻي سينيٽر مشتاق کي آزاد ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ اهو اردن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ موجود آهي، هن ٻڌايو ته مشتاق احمد جي صحت  بهتر آهي ۽ هو آزاد ٿيڻ کان پوءِ تمام گهڻو پرجوش آهي.

اسحاق ڊار چيو ته مون کي پنهنجن سمورن دوست ملڪن جو ٿورو ادا ڪندي خوشي ٿي رهي آهي جن انهي سلسلي ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت سان سرگرمي ۾ حصو ورتو ۽ تعاون ڪيو.

آزاد ٿيڻ کان پوءِ اڳوڻي سينيٽر پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ اسرائيلي قيد ۾ بدترين تشدد بابت ٻڌايو ۽ ارادو  ظاهر ڪيو ته جدوجهد جاري رهندي. پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تان جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ مشتاق احمد چيو ته مان پنهنجي 150 ساٿين سان اردن پهچي چڪو آهيان. 5 کان 6 ڏينهن اسرائيل جي بدنام زمانه جيل ۾ رهڻ کان پوءِ اسان کي آزادي ملي وئي آهي.

هن چيو ته اسرائيلي جيل ۾ اسان تي بدترين تشدد جو نشانو بنايو ويو، اسان جي هٿن ۾ هٿڪڙيون، پيرن ۾ ٻيڙيون ۽ زنجيرون وڌيون ويون جڏهن ته اکين تي پٽيون ٻڌيون ويون، اسان جي مٿان ڪتا ڇڏيا ويا ۽ بندوقون سڌيون ڪيون ويون.

هن چيو ته اسان پنهنجي مطالبن جي لاءِ 3 ڏينهن تائين بک هڙتال جاري رکي پر اسان کي پيئڻ جي پاڻي، هوا ۽ طبي سهوليتن کان محروم رکيو ويو. ايستائين جو اسان کي ڪنهن به شيءَ تائين پهچ نه ڏني وئي.

جماعت اسلامي جي اڳوڻي سينيٽر چيو ته الحمدالله اسان آزاد ٿي چڪا آهيون پر فلسطين جي آزادي جي جدوجهد جاري رهندي. هن ناڪه بندي کي اسان ٽوڙينداسين، غزه کي بچائڻ جون ڪوششون جاري رهنديون، نسل ڪشي جي ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين.

هن وڌيڪ چيو ته اڊياله جيل مان اسرائيلي جيل تائين مزاحمت جاي رهندي. فلسطين جي آزادي جي جدوجهد جاري رکنداسين. جلد پاڪستان ايندس ۽ گلوبل صمود فلوٽيلا ۽ اسرائيل جي جيلن جي مڪمل تفصيل ٻڌائيندس، اسرائيل جي خاتمي تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي.

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔