آسٽريلوي بيٽر 35 ڇڪا هڻي 314 رنز ٺاهي ورتيون

ڪينبرا: آسٽريليا جي ڪرڪيٽر هرجس سنگهه، جيڪو صرف 20 ورهين جو آهي، آسٽريليا جي ڪلب ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان ڌماڪيدار اننگز کيڏندي 35 ڇڪا هنيا.هن ڀارتي نزاد بيٽر پرٽن پارڪ تي سڊني ڪرڪيٽ ڪلب خلاف 50 اوورن جي ميچ ۾ ويسٽرن سب اربز لاءِ صرف 141 بالن تي 314 رنسون ٺاهيون. هن جي غيرمعمولي اننگز ۾ 35 ڇڪا ۽ 14 چوڪا شامل هئا، جنهن سان اها سڊني فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ٽئين سڀ کان وڏي انفرادي اننگز ۽ آسٽريليا جي فرسٽ ڪلاس پريميئر ڪرڪيٽ ۾ محدود اوورن جي سڀ کان وڏو اسڪور بڻجي ويو آهي.
پراڻا رڪارڊ ٽوڙيا
سنگهه جي اننگز سان ويسٽرن سب اربز جو پراڻو رڪارڊ ٽٽي پيو، جيڪو اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان باب سمپسن وٽ 229 رنسن جو هو. هن ان رڪارڊ سان پاڻ کي ڪرڪيٽ جي وڏن نالن، وڪٽر ٽرمپَر (335 رنسون، 1903ع) ۽ فل جيڪس (321 رنسون، 2007ع جي صف ۾ بيهاري ڇڏيو آهي. هرجس، جيڪو ٽئين نمبر تي بيٽنگ لاءِ آيو، شروعاتي چار بالن تي رن نه ڪئي، پر پوءِ هڪ زبردست ڪائونٽر اٽيڪ شروع ڪيو۔ هن صرف 74 بالن تي سينچري مڪمل ڪئي، ۽ پوءِ صرف 67 بالن مان وڌيڪ 214 رنسون ٺاهي ڇڏيون، جيڪا خالص طاقتور بيٽنگ جو مظاهرو هو. هن ميچ کانپوءِ چيو: “اها منهنجي زندگي جي سڀ کان بهتر بال اسٽرائيڪنگ هئي.” هن جي صاف ۽ اعتماد ڀري بيٽنگ نه رڳو ساٿين پر تماشائين کي به حيران ڪري ڇڏيو، جيڪي ڇڪن جي برسات ڳڻڻ ۾ به مشڪل محسوس ڪري رهيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔