ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات، ڪالام ۽ مالم جبه ۾ برفباري

لاهور: ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز هوائن ۽ کنوڻ سان تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو.

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات دير سان برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو. نارٿ ڪراچي، نارٿ ناظم آباد، اورنگي ٽائون، ميٽروول، بلديه ٽائون ۽ بفرزون ۾ ڪڪر وسيا، برسات شروع ٿيندي  ئي نارٿ ناظم آباد بلاڪ جي ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.

لاهور جي مختلف علائقن ۾ رات دير سان برسات شروع ٿي وئي، ٽائون شپ، جوهر ٽائون، لنڪ روڊ، ماڊل ٽائون، فيروز پور روڊ سميت پيڪو موڙ، پنڊي اسٽاپ، قائداعظم انڊسٽريل اسٽيٽ ۽ اڪبر چوڪ جي چوڌاري ڪڪر وسيا جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي ويو.

موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور سان گڏوگڏ ملتان، فيصل آباد ۽ جهنگ ۾ به .کنوڻ سان تيز برسات پئي، لوڌران ۾ تيز برسات سبب شهر جا مختلف روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا، برسات کان پوءِ شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي سپلاءِ به معطل ٿي وئي. پاڪپتن ۽ ڪماليه ۾ کنوڻ سان ڪڪر وسيا، جڏهن ته چيچه وطني ۾ برسات دوران شهري ۽ ڏوراهين علائقن ۾ ڳڙو پوڻ شروع ٿي ويو، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، چنيوٽ ۽ ڪبير والا ۾ به تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات پئي.

هوڏانهن خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ به تيز برسات سبب موسم خوشگوا رٿي ويو. چارسده ۾ شبقدر ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ رات دير سان وقفي وقفي سان هلڪي برسات جو سلسلو جاري رهيو. سوات جي ميداني علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات پئي.

خيبرپختونخواهه جي مٿانهين علائقي ڪالام ۽ مالم جبه جي جابلو علائقن ۾ سياري جي موسم جي پهرين برفباري گرمي پد ۾ نمايان گهٽتائي ڪري ڇڏي. مانسهره ۽ مظفر آباد ۾ به رات دير سان برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔