وزيراعظم شهباز شريف جو ملائيشيا جو دورو: واپار سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپا مضبوط بنائڻ تي اتفاق

ڪوالالمپور: وزيراعظم شهباز شريف جي ملائيشيا جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپا مصبوط بنائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وزيراعظمن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علاقائي معاملن ۽ غزه جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون.

ملائيشين وزيراعظم انور ابراهيم چيو ته هن وزيراعظم شهباز شريف سان علاقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن. ٻئي ملڪ غزه ۾ فلسطيني مسلمانن تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف گڏجي آواز اٿاري رهيا آهن ۽ چاهين ٿا ته فلسطيني عوام جي پريشانين جو خاتمو ٿئي.

انور ابراهيم چيو ته وقت سان گڏ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. دهشتگردي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رهندو. جڏهن ته خطي ۾ امن، استحڪام جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ امن انتهائي اهم آهي.

وزيراعظم شهباز شريف ملائيشيا جي قيادت ۽ عوام طرفان پرجوش استقبال تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته ملائيشيا اسان جي لاءِ ٻئي گهر جيان آهي هتي اچي خوشگوار احساس محسو ٿيو، هن چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ بهترين ۽ پراڻا لاڳاپا آهن. مان وزيراعظم انور ابراهيم جي قائدانه صلاحيتن ۽ ملائيشيا جي ترقي ۾ انهي جي ڪردار جي تعريف ڪريان  ٿو.

شهباز شريف چيو ته پاڪستان سان 20 ڪروڙ ڊالر جي حلال گوشت جي برآمد جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، وقت سان گڏ انهي واپار کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جا ڪيترائي شاگرد ملائيشيا ۾ تعليم پرائي رهيا آهن جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل منصوبن ذريعي مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهن.

وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ملائيشين هم منصب جي ڪتاب(اسڪرپٽ) جي تعريف ڪندي چيو ته اها لکڻي اسلام آباد ۽ ڪوالالمپور جي وچ ۾ هڪ فڪري ۽ تهذيبي پل جو ڪردار ادا ڪندي. پريس ڪانفرنس جي اختتام تي وزيراعظم شهباز شريف انور ابراهيم جي زور ڀرڻ تي علامه اقبال جو شعر به پڙهيو.

هوڏانهن وزيراعظم آفيس پهچڻ تي ميزبان انور ابراهيم پنهنجي پاڪستاني هم منصب شهباز شريف جو پرجوش استقبال ڪيو. انهي موقعي تي ملائيشين هٿياربند فوج جي دستي مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو جڏهن ته استقباليه تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا به وڄايا ويا.

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔