دبئي : پاڪستان ٽي ملڪي ٽي 20 سيريز جي فائنل ۾ افغانستان کي 75 رنسن سان شڪست ڏني، جنهن ۾ محمد نواز آل رائونڊر ڪارڪردگي ڏيکاري.پاڪستان ٽاس کٽي افغانستان خلاف پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 141 رنسون ٺاهيون، جنهن سان 142 رنسن جو هدف مقرر ڪيو ويو.افغان ٽيم 66 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڪپتان راشد خان 17 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته صديق الله 13 رنسن سان پويلين موٽيو ۽ ڪو به رانديگر اهم ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو.آل رائونڊر محمد نواز ميچ ۾ 25 رنسون ٺاهيون ۽ صرف 19 رنسن تي 5 وڪيٽون ورتيون، جنهن ۾ هيٽ ٽرڪ به شامل هئي، جڏهن ته سفيان مقيم ۽ ابرار احمد 2-2 وڪيٽون ورتيون.اڄ جي ڪارڪردگي سان، محمد نواز سيريز ۾ سڀ کان وڌيڪ 10 وڪيٽون وٺندڙ رانديگر پڻ بڻجي ويو، جنهن کان پوءِ راشد خان 9 وڪيٽون ورتيون.پاڪستاني ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي، جنهن ۾ سلمان مرزا جي جاءِ تي سفيان مقيم کي شامل ڪيو ويو.پاڪستاني ٽيم ۾ ڪپتان سلمان علي آغا، صاحبزاده فرحان، صائم ايوب، فخر زمان، حسن نواز، محمد حارث، فهيم اشرف، شاهين آفريدي، سفيان مقيم ۽ ابرار احمد شامل هئا.ميچ شروع ٿيڻ کان ڪيترائي ڪلاڪ اڳ تماشائين جو وڏو تعداد شارجه اسٽيڊيم پهچي چڪو هو.شارجه ۾ اڄ موسم تمام گهڻي گرم هئي، گرمي پد 52 ڊگري سينٽي گريڊ هو.يو اي اي ٽيم پاڪستان، افغانستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ سيريز ۾ پنهنجا چارئي ميچ هارائي چڪي هئي.