ڪراچي ۾ سڀاڻي تيز برسات سبب شهر جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي: موسميات کاتو

ڪراچي: موسميات کاتي سڀاڻي ڪراچي شهر ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي ڪندي ٻوڏ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

موسميات کاتي جي ترجمان انجم نذير موجب ڪراچي ۾ سانوڻي سسٽم ڊيپ ڊپريشن جي شدت سان برقرار آهي. ڊيپ ڊپريشن سامونڊي طوفان بنجڻ کان اڳ جي هڪ اسٽيج آهي.

ترجمان موجب برسات جو سسٽم زمين تي موجود آهي جنهن جو مرڪز ٿرپارڪر ۾ آهي، ايتري وڏي شدت جي سسٽم ۾ 60 کان 70 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون لڳي سگهن ٿيون.

انجم نذير چيو ته سانوڻي جو اهو سسٽم تيز برسات جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ٻنپهرن جو ڪراچي ۾ تيز برسات پئجي سگهي ٿي، سڀاڻي اهو سسٽم جي ڀرسان گذرندو، سڀاڻي ڪراچي جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي.

ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته سڀاڻي ڪراچي ۾ تيز برسات پئجي سگهي ٿي. شهر ۾ انفرا اسٽرڪچر خراب ٿيڻ سبب روڊن تي ٻوڏ جو امڪان آهي. هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي سگهي ٿو. شهري ڪچي انفرا اسٽرڪچر کان پري رهن. تيز برسات جي صورت ۾ گهرن اندر ئي رهن. هن ٻڌايو ته سموري اسپيل جي دوران ڪراچي ۾ 100 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات پئجي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔