صدر ٽرمپ جي 4 ڀيرا مودي کي ڪال، ٻڌڻ کان انڪار، جرمن اخبار

ڪراچي: جرمن اخبار دعوا ڪئي آهي ته هڪ هفتي دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارتي وزيراعظم نريندرا مودي کي 4 ڀيرا فون ڪالز ڪيون پر مودي ڪال ٻڌڻ کان نٽائيندو رهيو. اهڙي رپورٽ جرمن اخبار فرينڪفرٽر الگمائني زيتنگ(ايف اي زيڊ)۾ شايع ٿي آهي. اخبار موجب اهو رويو نئين دهلي جي “سخت ڪاوڙ ۽ احتياط” کي ظاهر ڪري ٿو، اها صورتحال تڏهن پيدا ٿي جڏهن ٽرمپ انتظاميه ڀارت تي 50 سيڪڙو درآمدي ٽيرف لاڳو ڪيو آهي. جيڪو برازيل کان پوءِ ڪنهن به ملڪ تي سڀ کان وڌيڪ آهي. انهن خبرن تي تبصرو ڪندي آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ سان لاڳاپيل صحافي مائيڪل ڪوگلمين چيو ته جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا مودي سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مودي ڳالهائڻ لاءِ تيار نه ٿيو، ته ان جو مطلب آهي ته حڪومت کان حڪومت تائين لاڳاپا ۽ ٻنهي اڳواڻن جو ماضي جو مضبوط رشتو هاڻي هڪ بحران مان گذري رهيو آهي. واضح رهي ته گذريل ڪجهه مهينن کان آمريڪا ۽ ڀارت جا لاڳاپا خراب ٿياآهن۔ ڀارت طرفان آمريڪا سان واپاري ڊيل فائنل نه ٿيڻ کانپوءِ آمريڪي صدر ٽرمپ ڀارت تي 50 سيڪڙو ٽيرف وڌايو هو، جڏهن⁠ته ٽرمپ وقت بوقت پاڪ-ڀارت جنگ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو ذڪر ڪندو رهندو آهي، جنهن کي ڀارت رد ڪندو رهيو آهي. روس کان سستو تيل خام تيل خريد ڪري ڀارت دنيا کي مهانگي اگهه تي وڪرو ڪري رهيو آهي. صدر ٽرمپروسکان تيل خريد ڪرڻ کان ڀارت کي منع ڪئي هئي. جنهن تي ڀارت انڪار ڪيو هو. اهڙي صورتحال بعد ڀارت چين ۽ روس سان لاڳاپا وڌائي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔