ڀارتي آبي جارحيت، سکن جو مقدس ۽ تاريخي هنڌ ڪرتارپور گرودواره ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويو

لاهور: ڀارت طرفان دريائن ۾ پاڻِ ڇڏڻ کان پوءِ پنجاب جي دريائن ۾ ٻوڏ صورتحال سنگين رخ اختيار ڪري وئي، ستلج، راوي ۽ چناب  ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين بلند ٿي چڪي آهي جڏهن ته ڪرتارپور جي ڀرسان راوي درياءَ جو حفاظتي بند ٽٽڻ سبب پاڻي سکن جي مقدس  ۽ تاريخي هنڌ گوردواره ۾ داخل ٿي ويو.

رپورٽ موجب گجرات ۾ چناب درياءَ جي ڪري شريف حفاظتي بند جي مٿان پاڻي گذرڻ شروع ٿي چڪو آهي. ٻوڏ وهڪرو بند کي ٽوڙيندو روڊن تي اچي ويو، جتي ٽريفڪ معطل ۽ لاڳاپيل ڳوٺن جا رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هيڊ مراله جي هنڌ تي پاڻي جو وهڪرو ساڍا 9 لک ڪيوسڪ کان مٿي ٿي ويو آهي جيڪو 2014 جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ياد ڏياري رهيو آهي  جنهن ۾ تقريبن 50 هزار ماڻهو ٿيا هئا.

شڪر ڳڙهه ۾ ٻوڏ سبب راوي درياءَ جو حفاظتي بند بهيڪو چڪ واري هنڌ تي ٽٽي ويو جنهن جي ڪري ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. متاثر علائقن سراخ پور، ڪري شريف، خليل پور ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ضلعي انتظاميه جون امدادي ٽيمون اڃان تائين نه پهچي سگهيون آهن. مقامي ماڻهن انتظاميه جي غفلت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

بهمبهر نالي ۾ چاڙهه سبب ڏوراهين علائقي جا ڳوٺ دادو برساله، گوجر ڪوٽله ۽ پلاوڙي کي خطرو آهي جتي پاڻي جو وهڪرو گذري رهيو آهي ڳوٺن جو فاصلو صرف 15 فٽن تائين رهجي ويو آهي. شڪر ڳڙهه جي ڳوٺ جرميان جهنڊا مان ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو پيو وڃي. اسسٽنٽ ڪمشنر عدنان عاطف ۽ ڊپٽي ڪمشنر نارووال سيد حسن رضا امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيا آهن.

تيز برسات سبب  ريسڪيو ٽيمن کي متاثر علائقن ۾ پهچڻ ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي هينئر تائين 294  ماڻهن کي راوي درياءَ مان حفاظت سان ڪڍيو ويو آهي. راولپنڊي، منڊي بهاءُالدين سيالڪوٽ ۽ حافظ آباد مان ريسڪيو ٽيمن کي نارووال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته گجرات شهر ۾ هڪ دفعو ٻيهر تيز برسات حالتون وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيون آهن. مختلف علائقن ۾ اڃان تائين پاڻي جي نيڪال جا مناسب انتظام نه ٿي سگهيا آهن.

چناب درياءَ ۾ هيڊ مراله واري هنڌ تي انتهائي اونچي درجي جي ٻوڏ آهي جتي پاڻي جي آمد 9 لک 50 هزار ڪيوسڪ کان وڌي وئي آهي جڏهن ته خانڪي واري هنڌ تي 4 لک 32 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

شڪرڳڙهه ڪرتاپور دربار صاحب ۾ ڪيترائي فٽ پاڻي جمع ٿي ويو آهي جنهن سبب ياترين جي پريشانين ۾ اضافو ٿي ويو، گردواري ۾ پاڻي داخل ٿيڻ سبب ياترين کي پنهنجون مذهبي رسمون ادا ڪرڻ ۾ پريشاني ٿي رهي آهي جڏهن ته ڪرتارپور گردواري جي احاطي ۾ 4-4 فٽ پاڻي جمع آهي جڏهن ته لاڳاپيل ادارن جون ريسڪيو ٽيمون آپريشن ۾ مصروف آهن.

رپورٽ موجب ڪرتارپور ۾ ٻوڏ جي پاڻي سبب 200 کان 300 ماڻهو ڦاٿل آهن، پاڪ فوج انهن ماڻهن کي ريسڪيو ۽ رليف جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. لوڪل انتظاميه سان گڏجي پاڪ فوج ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ مصروف آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔