چناب، راوي ۽ ستلج ۾ مها ٻوڏ، فوج طلب، وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي

لاهور: تازين برساتن ۽ ڀارت پاران ڊيمز مان پاڻي خارج ڪرڻ سبب پنجاب جي ٽن دريائن چناب، راوي ۽ ستلج ۾ وڏي ٻوڏ اچي وئي آهي. پنجاب حڪومت ڇهن ضلعن ۾ امدادي ڪمن لاءِ فوج کي گهرائي ورتو آهي ته جيئن بچاءَ ۽ رليف آپريشنن ۾ سول اختيارين جي مدد ڪري سگهي، پنجاب هن وقت ڳري برساتن ۽ ڀارت طرفان ٻن ڊيمز مان پاڻي ڇڏڻ جي گڏيل صورتحال سبب هڪ غيرمعمولي ٻوڏ جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي ٻنهي ملڪن کي گذريل هفتن ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. تربيلا ڊيم جا اسپل ويز کوليا پيا وڃن، جنهن بعد سنڌو درياءَ ۾ به ٻوڏ جو خدشو آهي پر هن وقت سنڌو درياءَ ۾ گهٽ ٻوڏ واري صورتحال آهي. وزيراعظم متاثر ضلعن جي دوري ۽ رليف نگراني جو حڪم ڏيندي وفاقي ڪابينا جي وزيرن کي متاثره علائقن جي دوري جي هدايت ڪئي آهي. پي ڊي ايم اي موجب چناب ۽ راوي ڪنارن تان 20,000 کان وڌيڪ ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيا ويا. سيالڪوٽ ۾ 49 ورهين جي برسات جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي. سڄي پنجاب ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي به ڪئي وئي آهي.
تفصيلي صورتحال جو جائزو
پي ڊي ايم اي ٻڌايو آهي ته ڀارت راوي درياهه تي پنهنجي ٿئين ڊيم جا سڀ در کولي ڇڏيا آهن، جڏهن⁠ته ماڌوپور ڊيم مان به پاڻي ڇڏڻ بابت پاڪستان کي خبردار ڪيو ويو آهي. ساڳئي وقت، مٿين علائقن ۾ ڳري برساتن سبب چناب ۾ هيٺين طرف پاڻي وڌي رهيو آهي، جنهن سان هزارين ماڻهو خطري ۾ آهن. اربع تي صبح 10 وڳي تائين: چناب تي هيڊ مرالا ۽ خانڪي، راوي تي جسر، ۽ ستلج تي گنڊا سنگھ والا ۾ “غيرمعمولي وڏي ٻوڏ” جي صورتحال رڪارڊ ڪئي وئي. خانڪي تي پاڻي جي آمد 975,000 ڪيوسڪ کان وڌيڪ ٿي وئي ۽ وڌندي رهي ٿي، جڏهن⁠ته هيڊ مرالا تي 600,000 ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي جي آمد رڪارڊ ڪئي و.ئي. هاڻي ان ۾ لاٿ ٿيندي نظر پئي اچي. جسر ۽ گنڊا سنگھ والا ٻنهي تي 200,000 ڪيوسڪ کان وڌيڪ وهڪرو رڪارڊ ٿيو آهي. چناب تي قادرآباد هيڊ ورڪس “تمام وڏي ٻوڏ” ۾ داخل ٿيو، جتي 500,000 ڪيوسڪ کان وڌيڪ وهڪرو رڪارڊ ٿيو. انڊس درياهه جا چشما، تونسا، گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي هيڊ ورڪس “گهٽ ٻوڏ” ۾ هئا پر پنجاب جي ٽن دريائن جي وڏي ٻوڏ وارو پاڻي سنڌو درياءَ ۾ پهچڻ بعد انڊس ۾ به ٻوڏ جو خطرو آهي.
حڪومتي اپاءَ
وزيراعظم شهباز شريف وفاقي وزيرن کي حڪم ڏنو ته هو متاثر علائقن جو دورو ڪن ۽ رليف جي نگراني ڪن. هن اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ کي به چيو ته پنجاب پي ڊي ايم اي سان رابطي ۾رهن ۽ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ ۾ مڪمل مدد ڪن. پنجاب هوم ڊپارٽمينٽ موجب فوج کي لاهور، فيصل آباد، قصور، سيالڪوٽ، نارووال ۽ اوڪاڙا ۾ طلب ڪيو ويو آهي ته جيئن ضلعي انتظاميه جي مدد ڪري سگهن. پي ٽي وي نيوز موجب فوج گذريل رات کان ئي انهن ضلعن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ڪري رهي آهي.
متاثر ماڻهن جي منتقلي
پنجاب پي ڊي ايم اي ڊي جي عرفان علي ڪٺويا ٻڌايو ته 20,000 کان 25,000 ماڻهو اڳ ئي چناب ۽ راوي جي ٻوڏ واري علائقن مان محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيا ويا آهن. هن خبردار ڪيو ته راوي تي جسر مان وڏي ٻوڏ اڄ رات 10 کان 12 وڳي تائين لاهور ۽ شاهدره مان گذرندي، جڏهن⁠ته بلوڪي هيڊ ورڪس مان اها لهر سڀاڻي صبح 9 وڳي گذرندي.
ٻوڏ جو تاريخي جائزو
پي ڊي ايم اي، جي ڊي جي ٻڌايو ته ايتري وڏي پاڻي جي لهر 38–39 سال اڳ ڏٺي وئي هئي۔ 1988 ۾ 346,000 ڪيوسڪ، 1994 ۾ 132,000 ڪيوسڪ ۽ 1995 ۾ 171,000 ڪيوسڪ وهڪرو رڪارڊ ٿيو هو. هاڻي اميد آهي ته پاڻي 180,000–190,000 ڪيوسڪ تائين پهچندو، جيڪو شاهدره جي 250,000 ڪيوسڪ گنجائش اندر آهي، تنهنڪري وڏو نقصان ٿيڻ جو خطرو گهٽ آهي.
برساتن بابت نئين اڳڪٿي
پي ايم ڊي موجب ايندڙ ڪلاڪن ۾ نارووال، سيالڪوٽ، لاهور، قصور، جهلم، حافظ آباد، گوجرانوالا، گجرات، شيخوپورا، آزاد ڪشمير ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ طوفاني هوا ۽ برسات جاري رهندي. پي ايم ڊي خبردار ڪيو ته عوام احتياط ڪن ۽ تازه ترين اپڊيٽس تي نظر رکن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سيالڪوٽ ۾ 363.5 ملي ميٽر برسات ٿي، جيڪا 1976 جي 339.7 ملي ميٽر جي رڪارڊ کي ٽوڙي ڇڏيو ، يعني 49 ورهين جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔