اسحاق ڊار جي ترڪ پرڏيهي وزير سان اهم ملاقات، فلسطين معاملي تي ڳالهيون

ڍاڪا: نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ترڪي جي پرڏيهي وزير سان اهم ملاقات ڪئي آهي.

پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڄ او آءِ سي جي 21هين پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي موقعي تي  ترڪ هم منصب حڪان فيدان سان ملاقات ڪئي.

اسحاق ڊار 51هين او آءِ سي پرڏيهي وزير ڪونسل جي چيئرمين شپ جي دوران ترڪي جي قائدانه ڪردار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ فلسطين سان مڪمل يڪجهتي جو ارادو ڪيو ويو ۽ انهي ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته فلسطين ۾ وڌندڙ انساني بحران خاص طور تي غزه ۾ ڏڪار کي نظر ۾ رکندي فوري انساني امداد جي سخت ضرورت آهي.

ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ترڪي جي ڀائراڻه لاڳاپن جي توثيق ڪئي ۽ ڊگهي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ واري ارادي جو اظهار ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔