ڪراچي: ملير جيل مان 225 قيدين جي فرار ٿيڻ جي جاچ مڪمل، رپورٽ چيف سيڪريٽري حوالي

ڪراچي: ڪراچي ۾ ملير جيل مان 225 قيدين جي فرار ٿيڻ واري واقعي جي جاچ مڪمل ٿي وئي آهي، جاچ رپورٽ سنڌ جي چيف سيڪريٽري حوالي ڪئي وئي آهي.

رپورٽ ۾ انهي وقت جي سپرنٽينڊنٽ ارشد شاهه سميت اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ عبدالله ۽ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ذوالفقار  پيرزاده به ذميوار قرار ڏنا ويا آهن. ٽنهي آفيسرن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

رپورٽ ۾ آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي جيل به ذميوار قرار ڏنا ويا آهن. رپورٽ ۾  چيو ويو آهي ته  واقعو غفلت نه پر نظام جي مڪمل ناڪامي آهي، جيل ٽوڙڻ جو واقعو انتظامي ۽ اداري جي ناڪامي جو نتيجو آهي.

رپورٽ موجب جيل ۾ تياري، تربيت ۽ سيڪيورٽي جي سخت کوٽ هئي، ملير جيل جا دروازا، ڀتيون ۽ ڪنٽرول پوائنٽس وڌيڪ مضبوط ڪيا وڃن، جيل ۾ جديد سي سي ٽي وي نظام 24 ڪلاڪ فعال هجڻ گهرجي، آفيسرن ۽ عملي کي ڪرائسس ريسپانس ٽريننگ لازمي ڏني وڃي.

رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته قيدين ۽ عملي جي لاءِ هنگامي هنڌ مختص ڪيا وڃن. حساس هنڌن تي موشن سينسر ۽ الارم سسٽم لڳايو وڃي، هٿيارن جا ڊپو ڌار قائم ڪري اينٽي رائٽ سامان ۽ ڊرونز محفوظ رکيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔