اسلام آباد : سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان کي 9 مئي جي اٺن ڪيسن ۾ ضمانت ڏئي ڇڏي آهي، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ، جنهن ۾ جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شفيع صديقي شامل هئا، 9 مئي جي اٺن ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران جسٽس شفيع صديقي پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي کان پڇاڻو ڪيو ته اعجاز چوڌري تي الزام واقعي جي جاءِ تي موجود هئا ۽ سازش هئي، جسٽس حسن اظهر رضوي پڇاڻو ڪيو ته ڇا اعجاز چوڌري 9 مئي تي واقعي واري هنڌ موجود هو؟پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي چيو ته هو اعجاز چوڌري جي واقعي واري هنڌ تي موجودگي بابت واضح جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن تي جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته توهان پراسيڪيوٽر آهيو ۽ توهان کي بنيادي ڳالهه جي خبر ناهي، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي پڇيو ته عمران خان خلاف ڪهڙا ثبوت آهن؟ پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي چيو ته 3 شاهدن جا بيان ثبوت طور پيش ڪيا ويا آهن، عمران خان جو سڀني ڪيسن ۾ مرڪزي ڪردار آهي، چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن اسان ميرٽ تي وڃون ٿا ته سلمان صفدر به ڳالهائيندو، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ميرٽ تي آبزرويشن ڏئي ته ٽرائل متاثر ٿيندو، منهنجو ڪم توهان کي خبردار ڪرڻ هو، باقي اهو آهي جيڪو توهان بهتر سمجهو ٿا، چيف جسٽس پڇيو ته زباني ۽ اليڪٽرانڪ ثبوتن کان علاوه توهان وٽ جوابدار خلاف ڇا آهي؟ جسٽس شفيع صديقي پڇيو ته جوابدار خلاف ايف آءِ آر ڪهڙي تاريخ تي آهي؟،پراسيڪيوٽر چيو ته ملزم 10 مان 3 ڪيسن ۾ نامزد آهي، ملزم خلاف ايف آءِ آر 9 مئي تي درج ڪئي وئي هئي، سپريم ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کي عمران خان جا 3 ٽيسٽ ڪرائڻ جي اجازت ڏني هئي، پوليس وائس ميچنگ، فوٽوگراميٽرڪ، پوليگراميٽرڪ ٽيسٽ لاءِ مجسٽريٽ سان رابطو ڪيو، عدالت جي اجازت جي باوجود، ملزم ٽيسٽ نه ڪرايا، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته جيڪڏهن اهو معاملو آهي ته پوءِ قانوني نتيجا نڪرندا، جسٽس حسن اظهر رضوي پڇاڻو ڪيو ته ڇا باقي ڪيسن ۾ اهڙا ٽيسٽ عام طور تي ڪيا ويندا آهن، پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته قانون ملزم جي ضمانت تي پابندي لڳائي ٿو، ملزم خلاف مضبوط ثبوت موجود آهن، چيف جسٽس چيو ته ثبوت ٽرائل ڪورٽ ۾ ثابت ٿيندا، جسٽس حسن رضوي چيو ته واقعي کان پوءِ ملزم گرفتار ٿيڻ تائين ٻن مهينن لاءِ ضمانت تي هو، ڇا پوليس لاءِ جاچ لاءِ ٻه مهينا ڪافي نه هئا؟، بعد ۾ عدالت 9 مئي جي 8 ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي. ياد رهي ته 9 مئي جي ڪيسن ۾ باني چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان جي ضمانت جي اپيلن جي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي بينچ کي تبديل ڪيو ويو آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ کي تبديل ڪيو ويو آهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي جاءِ تي ضمانت جي اپيلن جي ٻڌڻي ڪندڙ ٽي رڪني بينچ ۾ جسٽس حسن اظهر رضوي کي شامل ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي