اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري حڪومت جي تجويز تي يوم آزادي جي موقعي تي مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ 263 ملڪي ۽ پرڏيهي شخصيتن کي سول ايوارڊ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري(اي پي پي) موجب مذڪوره شخصيتن کي 23 مارڇ 2026 تي ايوان صدر ۾ هڪ شاندار تقريب ۾ ايوارڊ پيش ڪيا ويندا. ايوارڊز لاءِ چونڊ ڪيل شخصيتون آرٽس، ادب، رانديون، تعليم، سائنس، طب، صحافت، سماجي خدمتون ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکن ٿيون.
صدر آصف علي زرداري جن شخصيتن کي ايوارڊ ڏيڻ جي منظوري ڏني، انهن ۾ فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ ڪيتريون ئي ٻيون به شخصيتون شامل آهن. فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ شخصيتن ۾ اداڪار، هدايتڪار عرفان کهوسٽ، حديقه ڪياني، عرفان احسن، عذرا آفتاب، ثمينه پيرزاده، فضيله قيصر نظاماڻي، سويرا عباس(عرف سويرا نديم)، حميرا ارشد، سائره نسيم ۽ سليمه هاشمي کي ستاره امتياز سان نوازيو ويندو.
اهڙي طرح محمد اعظم خان، ذوالقرنين حيدر، سلطان جاويد جمال، نور محمد بلوچ(عرف نورال) رجب علي، مختار ناز، تاج مستاني، خواجه علي ڪاظم(مرحوم) جمشيد علي خان ۽ شيخ محمد صادق(ايس ايم صادق) کي آرٽس جي مختلف شعبن ۾ نشان حسين ڪارڪردگي ايوارڊ ڏنو ويندو.