اسلام آباد: : پاڪستان جو ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ لانچ ڪيو ويو آهي.پاڪستان جي خلائي تحقيق تنظيم سپارڪو جي ترجمان موجب، نئون ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ چين جي شيچانگ سينٽر کان راڪيٽ ذريعي لانچ ڪيو ويو. ترجمان چيو ته سيٽلائيٽ زمين جي مشاهدي، زرعي نگراني، ماحولياتي تجزيي جي شعبن ۾ انقلاب آڻيندو، ۽ سي پيڪ، علائقائي منصوبابندي ۽ قدرتي وسيلن جي انتظام جي منصوبن جي نگراني ڪندو.سپارڪو جي ترجمان موجب، هي سيٽلائيٽ ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ ۽ جاگرافيائي خطرن جي به سڃاڻپ ڪندو.سپارڪو جي ترجمان چيو ته هي پاڪستان جو ٻيو ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ آهي، پهريون ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ 2018 ۾ چين جي سيٽلائيٽ لانچ سينٽر کان موڪليو ويو هو.ترجمان چيو ته هن وقت پنج پاڪستاني سيٽلائيٽ خلا ۾ آهن. هوڏانهن وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچنگ تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.احسن اقبال ريموٽ سينسنگ سيٽلائٽ جي ڪامياب لانچنگ تي سپارڪو جي سموري ٽيم، انجنيئر ۽ سائنسدانن کي به مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته چين جي ڀرپور تعاون تي ٿورائتا آهيون.هن چيو ته سيٽلائيٽ ڪاميابي سان پنهنجي مدار ۾ پهچي ويو آهي، پاڪستان کي اسپيس ٽيڪنالاجي ۾ ٻيهر قائدانه ڪردار ڏيارينداسين. ايندڙ سال چين جي مدد سان آسٽروناٽ خلا ۾ اماڻيو ويندو ۽ 2035 تائين اسان چنڊ تي پهچڻ جي پروگرام کي به ڪاميابي سان مڪمل ڪنداسين.