اسلام آباد : پاڪستان انڊر 16 والي بال ٽيم ٿائيلينڊ ۾ تاريخ رقم ڪري ڇڏي.پاڪستان دفاعي چيمپيئن ايران کي شڪست ڏئي ايشين انڊر 16 والي بال چيمپيئن شپ کٽي ورتي. فائنل ۾ پاڪستان هڪ دلچسپ مقابلي کانپوءِ ايران کي 3-2 تان شڪست ڏني. پاڪستان پهرين ٻن سيٽن ۾ شڪست کائڻ کان پوءِ تاريخي فتح حاصل ڪئي. پاڪستان جو کٽڻ جو اسڪور 22-25، 21-25، 30-28، 25-21 ۽ 15-10 هو، جڏهن ته محمد جنيد ۽ فيضان الله پاڪستان لاءِ شاندار راند کيڏي. پاڪستان پهريون ڀيرو ايشين انڊر 16 والي بال چيمپيئن شپ کٽي ورتي آهي.