هنگو: هنگو جي زرگري واري علائقي ۾ فورسز وڏو آپريشن ڪيو جنهن جي دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته جوابدارن جي فائرنگ سبب 2 پوليس آفيسر زخمي ٿي پيا.هنگو جي علائقي زرگري شناواري ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گڏيل ڪارروائي ڪئي. انهي آپريشن جي دوران دهشتگردن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.بهادري سان مقابلو ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا. پر فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر هنگو، خالد خان، ايس ايڇ او دوآبه ۽ سيڪيورٽي فورسز جو هڪ آفيسر به زخمي ٿي پيو.انسپيڪٽر جنرل پوليس خيبرپختونخواهه ذوالفقار حميد زخمي ٿيندڙ آفيسرن سان ڳالهيون ڪيون ۽ انهن جي خيريت پڇا ڪئي. ڊي پي او خالد خان جي حالت مستحڪم ٻڌائي پئي وڃي کيس ڪوهاٽ منتقل ڪيو پيو وڃي. جتان کان هيليڪاپٽر ذريعي پشاور منتقل ڪيو ويندو. ريجنل پوليس آفيسر ڪوهاٽ عباس مجيد مروت ڊي پي او هنگو سان گڏ آهن.قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو اهو عزم آهي ته اهي دهشتگردي جي خلاف پنهنجي جنگ جاري رکندا. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي هنگو ۾ فتنته الهندستان جي خلاف آپريشن جي دوران زخمي ڊي پي او محمد خالد سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ انهن جي خيريت پڇا ڪئي.گهرو وزير محسن نقوي زخمي ڊي پي او محمد خالد جي بلند حوصلي جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته اوهان جي اڳواڻي ۾ پوليس ٽيم طاقت ۽ دليري سان فتنته الهندستان جي 5 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪيو.