پنجاب: 24 ڪلاڪن دوران تيز برسات دوران گهرن جون ڇتيون ڪرڻ سميت مختلف واقعن ۾ 12 ڄڻا فوت

لاهور: لاهور ۾ تيز برسات سبب گهرن جون ڇتيون ڪرڻ ۽ مختلف حادثن ۾ 12 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ريسڪيو ترجمان موجب شهر ۾ برسات دوران گهرن جون ڇتيون ڪرڻ جا 4 واقعا ٿيا آهن جڏهن ته مختلف حادثن دوران 12 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

لاهور جي علائقي ٺهوڪر نياز بيگ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت، 2 زخمي ٿي پيا فوت ٿي ويلن ۾ 2 ٻارڙيون، 2 عورتون ۽ هڪ مرد شامل آهي انهي کان علاوه 2 ڄڻا زخمي به ٿيا. ريسڪيو اختيارين موجب فوت ٿي ويل ماڻهن  ۾ 60 سالن جو مانگا، 55 ورهين جي عشرت، 3 ورهين جي خديجه، 4 ورهين جي لطيفه ۽ 35 ورهين جي راڻي شامل آهن.

ريسڪيو موجب برينس پوره ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ڀاءُ ۽ ڀيڻ فوت ٿيا جڏهن ته شيرا ڪوٽ ۾ 2 ورهين جو نوجوان ۽ بهاوالنگر جي علائقي منچن آباد ۾ مدرسي جي ڇت ڪرڻ سبب شاگرد فوت ٿيا، مدينه ٽائون ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 10 ورهين جو ٻار حياتي وڃائي ويٺو. ريسڪيو ترجمان ٻڌايو ته اوڪاڙه جي علائقي نعيم آباد ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت ٿيا، پاڪپتن جي مختلف علائقن ۾ ڀتين ۽ ڇتيون ڪرڻ سبب 2 ٻار جڏهن ته بکهر جي علائقي جهان خان ۾ ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو

ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ 30 ورهين جو فيصل ۽ 5 ورهين جي ببلي شامل آهن. لاهور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رات جو تيز برسات سبب ڪيترائي روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. واسا موجب پاني والا تالاب ۾ سڀني کان وڌيڪ 171 ملي ميٽر، اقبال ٽائون ۾ 169 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

ياد رهي ته لاهور کان علاوه پتوڪي، اوڪاڙه ساهيوال، چيچه وطني، ميان چنو، سرگودها، سيالڪوٽ، گجرات سميت پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ به وقفي وقفي سان برسات پئي. جنهن سبب ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته بجلي جي فراهمي به معطل ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔