ترقي جي اهل آفيسر کي ريٽائرمينٽ کان پوءِ به پروموشن ڏئي سگهجي ٿي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سرڪاري ملازمن جي ترقي بابت ڪيس جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر 5 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته درخواست ڏيندڙ پوليس سروس جو سينئر آفيسر هو جيڪو 3 ڀيرا ترقي کان محروم رهيو. حالانڪه انهي جون 2013 کان 2018 تائين سموريون ڪارڪردگي رپورٽون بهترين هيون.عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي هاءِ پاورڊ سليڪشن بورڊ کي هدايت ڪئي آهي ته اهي درخواستگذار جو ڪيس 2 مهينن ۾ ميرٽ تي ٻيهر ٻڌن.عدالت قرار ڏنو ته هر سرڪاري ملازم کي پرفارمنس پروموشن جي لاءِ غور هيٺ آندو وڃي انهي جو بنيادي حق آهي ۽ ترقي جي اهل آفيسر کي رٽائرمينٽ کان به پورموشن ڏئي سگهجي ٿي. عدالت هاءِ پاورڊ سليڪشن تي سوال اٿاريندي چيو ته بورڊ منٽس ۾ منفي ريمارڪس بنا ثبوت جي شامل ڪيا ويا ۽ درخواستگذار جي ساک تي ڪوبه الزام ثابت ناهي ٿيو.سپريم ڪورٽ سمورن سرڪاري ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته ترقي بابت فيصلا شفاف ۽ وقت تي ڪيا وڃن ڇو ته رٽائرڊ آفيسرن کي دير سان انصاف ڏيڻ غير منصفاڻو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔