اسلام آباد: لياري جي علائقي بغدادي ۾ 5 ماڙ عمارت پٽ پئجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هينئر تائين 4 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب لياري جي علائقي بغدادي ۾ جمعي جي صبح 5 ماڙ عمارت پٽ پئجي وئي جيڪا مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته عمارت ڪرڻ جي اطلاع ملندي ئي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن، 6 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ڪڍيو ويو آهي ته جڏهن ته 4 ڄڻا زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا. عمارت جي ملبي هيٺيان وڌيڪ ماڻهن جي دٻيل هجڻ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
ريسڪيو عملي موجب عمارت ۾ 6 خاندان رهائش پذير هئا ملبي هيٺيان دٻيل وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍڻ جون ڪوششون جاري آهي، ڳري مشينري سان ملبي کي هٽائڻ جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته ڪرندڙ عمارت سان جڙيل 2 ٻين 7 ماڙ عمارتن کي به خالي ڪرايو ويو آهي.
ريسڪيو اختيارين موجب رستن جي بندش سبب هيوي مشينري جي پهچڻ ۾ دير ٿي پر حادثي کان پوءِ مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ جي تحت امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون هيون. سول اسپتال ٽراما سينٽر اختيارين ٻڌايو آهي ته اسپتال ۾ آندل هڪ وڌيڪ زخمي عورت جي عمر 40 سال آهي جنهن کي ڪيترن ئي هنڌن تان فريڪچر ۽ زخم آيا آهن.
ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لياري ۾ عمارت ڪرڻ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته حادثي بابت فوري طور تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. سنڌ جي وڏي وزير بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي اختيارين کي زبون حال بڻيل عمارتن جي فوري طور تي تفصيل طلب ڪندي چيو ته خطرناڪ عمارتن جي فوري نشاندهي ڪئي وڃي، غفلت يا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، انساني حياتين جو تحفظ اولين ترجيح آهي.
جڏهن ته سنڌ جي گورنر به عمارت ڪرڻ جي واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي زخمين کي فوري طور تي طبي امداد ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.