ممبئي : بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان،پاڻ کان اڌ عمر جي اداڪارا فاطمه ثنا شيخ سان فلم ”دنگل“ ۾ پيءُ جو ۽ ”ٺگس آف هندوستان“ ۾ بواءِ فرينڊ جو ڪردار ادا ڪرڻ بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
هڪ بيان ۾ عامر خان چيو آهي ته ” هو فاطمه جو حقيقي پيءُ نه آهي ۽ نه ئي سندس بواءِ فرينڊ آهي، اسان رڳو فلمي ڪردار نڀايا آهن.“
عامر خان جو چوڻ هو ته فلم ” دنگل“ ۾ فاطمه سان پيءُ ۽ ڌيءَ جي ڪيمسٽري لاءِ کيس ساراهيو ويو، پر ”ٺگس آف هندوستان“ ۾ ساڳي اداڪارا سان رومانوي ڪردار نڀائڻ مٿس تنقيد ڪئي وئي.
عامر وضاحت ڪندي چيو ته ” ماضيءَ ۾ به وڏن اداڪارن اهڙا ڪردار ادا ڪيا، اميتاڀ بچن ۽ وحيده رحمان، هڪ فلم ۾ ماءُ ۽ پٽ بڻيا ته ٻين فلمن ۾ عاشق معشوق جو رول به ادا ڪيو.“
عامر خان چيو ته ” اسان حقيقي زندگيءَ ۾ نه رڳو فلمن ۾ رشتيدار بڻجندا آهيون، نه فاطمه منهنجي ڌيءَ آهي ۽ نه مان سندس عاشق، اسان رڳو اداڪار آهيون پردي تي اداڪاري ڪريون ٿا.“
هن انڪشاف ڪيو ته فلم ”ٺگس آف هندوستان“ لاءِ فاطمه کان اڳ دپيڪا پاڊڪون شرڌا ڪپور ۽ عاليا ڀٽ سميت ٻين اداڪارائن سان رابطو ڪيو ويو، پر انهن ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد فاطمه کي ڪاسٽ ڪيو ويو.
عامر خان اعتراف ڪيو ته فلم جي ڪهاڻي ڪمزور هئي ۽ ٿي سگهي ٿو اُن ڪري ئي اداڪارائن انڪار ڪيو.

پچھلی پوسٹ