قومي بچت اسڪيمن تي منافعي جي شرح ۾ گهٽتائي

اسلام آباد: وفاقي حڪومت قومي بچت اسڪيمن تي وياج جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب ڊفينس سيونگ سرٽيفڪيٽ تي منافعي جي شرح 15 بيسز پوائنٽ گهٽ ڪري 11.91 سيڪڙو کان 11.76 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.اسپيشل سيونگ سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح ۾ 30 بيسز جي نمايان گهٽتائي ڪئي وئي، اسپيشل سيونگ سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح 10.90 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 10.60 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب اسلامڪ سيونگ اڪائونٽ ۾ منافعي جي شرح 59 بيسز پوائنٽس گهٽ ڪري موجوده شرح کي 9.75 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.انهي کان علاوه نوٽيفڪيشن ۾ ڇيو ويو آهي ته شهداءِ فيملي ويلفيئر اڪائونٽ تي منافعو 24 بيسز، ريگولر انڪم سرٽيفڪيٽ تي منافعو بيسز پوائنٽس گهٽ ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔