پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو: پاڪستان گڊر ٽرانسپورٽ سموري ملڪ ۾ هڙتال جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي خلاف پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ سموري ملڪ ۾ هڙتال جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.

پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڏي اضافي کان پوءِ ٽرانسپورٽ تنظيمن سخت رد عمل ڏئي ڇڏيو آهي ٻئي طرف عوامي حلقن به انهي اضافي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائونس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ پنهنجي وڊيو بيان ۾ ملڪ جي ٽرانسپورٽ برادري طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

ملڪ شهزاد اعواڻ 5 سيڪڙو ڀاڙا وڌائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته انهي فيصلي سان صرف ٽرانسپورٽ برادري ئي نه پر  سموري ملڪ جي عوام متاثر ٿيندي. هن چيو ته اسان کي ڪوبه تحفظ حاصل نه آهي.

پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ جي صدر چيو ته ڪراچي سميت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اسان جي گاڏين کي باهيون ڏيڻ کان علاوه پنجاب ۾ هٿيارن جي زور تي ڦريو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت اسان کي پنهنجن قدمن ذريعي مجبور ڪري رهي آهي ته اسان ڪاروبار بند ڪري  سموري ملڪ ۾ هڙتال ڪريون، ٽول ٽيڪس ۾ به مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، هاڻ ود هولڊنگ ٽيڪس ۾ به 2 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.

هن چيوته انهي حوالي سان چئني صوبن جي ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن سان مشاورت ٿي رهي آهي، تمام جلد آئنده جي لائحه عمل جو اعلان ڪنداسين، ياد رهي ته آل ڪراچي ٽرانسپورٽر به پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ اضافي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔