وزيراعظم شهباز شريف اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان روانو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آذربائيجان روانو ٿي ويو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي بيلاروس جي راڄڌاني منسڪ ۾ منعقد ٿيل 17هين اي سي او سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اجلاس ۾ شرڪت جي دوران شهباز شريف پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. اجلاس ۾ علاقائي، عالمي چيلنجز تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندو.

وزيراعظم شهباز شريف جي دوري دوران ايجنڊا ۾ ٻين ميمبر ملڪن جي سربراهن سان ٻطرفيون ملاقاتون به شامل آهن. ملاقاتن ۾ علاقائي تعاون، واپار، توانائي ۽ اقتصادي ترقي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. وزيراعظم جو دورو خطي ۾ فعال سفارتي ڪردار ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن جو حصو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔