ڪراچي: ٿر جي ڪوئلي کي پورٽ قاسم ڪراچي تائين پهچائڻ جي لاءِ اسلام ڪوٽ کان ڇور ۽ بن قاسم اسٽيشن کان پورٽ قاسم تائين ريلوي لائين وڇائي ويندي.
رپورٽ موجب ٿر جي ڪوئلي کي پورٽ قاسم ڪراچي پهچائڻ جي لاءِ ريلوي لائن وڇائي ويندي. اسلام ڪوٽ کان ڇور ۽ بن قاسم ريلوي اسٽيشن کان پورٽ قاسم تائين ريلوي لائين وڇائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سنڌ جو توانائي کاتو ۽ ريلوي انهي گڏيل منصوبي کي مڪمل ڪندا. انهي حوالي سان توانائي کاتي وڏي وزير ڏانهن سمري اماڻي ڇڏي آهي. ٿر ڪول فيلڊ اسلام ڪوٽ کان ڇور تائين 105 ڪلو ميٽر ريلوي لائين وڇائي ويندي. بن قاسم اسٽيشن کان پورٽ قاسم تائين 9 ڪلو ميٽر ريلوي لائين وڇائي ويندي.
پرڏيهه مان برآمد ڪيل ٿر جو ڪوئلو پورٽ قاسم تي لاٿو ويندو. منصوبي جو مالياتي اندازو 75 ارب روپيه آهي ريلوي ۽ توانائي کاتي جي 50-50 سيڪڙو سرمائيڪاري سان انهي منصوبي کي مڪمل ڪيو ويندو. ريلوي ٽريڪ تائين پهچ ۽ ڪوئلو لاهڻ جو منافعو به برابر ورهايو ويندو. ريلوي لائين وڇائڻ جو منصوبو 2 سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو.