ڪراچي: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) پهرين جولاءِ کان بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي . وفاقي حڪومت جي درخواست تي، نيپرا ڪالهه سڄي ملڪ لاءِ هڪجهڙي بنيادي ٽيرف تي ٻڌڻي ڪئي. نيپرا عملدارن جو چوڻ آهي ته ٻڌڻي کان پوءِ، لائف لائن صارفين کانسواءِ سڀني صارفين لاءِ بجلي ۾ 1.15 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪي-اليڪٽرڪ سميت سڀني صارفين تي لاڳو ٿيندي. نيپرا موجب، 50 يونٽن تائين مهيني ۾ لائف لائن استعمال ڪندڙن لاءِ ٽيرف 3.95 رپيا في يونٽ برقرار آهي، ۽ 100 يونٽ هر مهيني استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ، لائف لائن استعمال ڪندڙن لاءِ ٽيرف 7.74 رپيا في يونٽ برقرار آهي. نيپرا جو چوڻ آهي ته هر مهيني 100 يونٽ استعمال ڪندڙ محفوظ صارف لاءِ ٽيرف هڪ رپيو 15 پئسا گهٽائي 10 رپيا 54 پئسا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هر مهيني 200 يونٽ استعمال ڪندڙ محفوظ صارف لاءِ ٽيرف 13 رپيا 1 پئسا مقرر ڪيو ويو آهي. نيپرا موجب، غير محفوظ صارفين جي سڀني قسمن لاءِ بجلي ۾ 1.15 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. نيپرا موجب، ڪمرشل صارفين لاءِ بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ هڪ رپيو 15 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن سان نئون سراسري بنيادي ٽيرف 45 رپيا 43 پئسا في يونٽ مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه، عام خدمتن لاءِ، نئون ٽيرف 43.17 رپيا في يونٽ مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن سان بجلي جي قيمت ۾ 1.15 رپيا في يونٽ گهٽتائي ٿيندي. صنعتن لاءِ، نئون ٽيرف 33.48 رپيا في يونٽ مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن سان بجلي جي قيمت ۾ 1.15 رپيا في يونٽ گهٽتائي ٿيندي. نيپرا موجب، بلڪ بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ نئين بنيادي ٽيرف ۾ 1.15 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن سان نئون بنيادي ٽيرف 41.76 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته زرعي صارفين لاءِ بنيادي شرح ۾ 1.15 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن سان بنيادي شرح 30.75 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.