اسلام آباد: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت پنهنجي مرضي پاڪستان تي مڙهي نٿو سگهي، تنهن ڪري ان کي گهرجي ته هو پنهنجي پاليسين تي ٻيهر غور ڪري. اسلام آباد ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسٽرٽيجيڪ اسٽڊيز جي يو۾ تاسيس جي موقعي تي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڀارت فالس فليگ آپريشن جي آڙ ۾ پاڪستان تي جارحيت مسلط ڪئي، جنهن جو اسان فوري ۽ مؤثر جواب ڏنو. ڀارت پهلگام واقعي تي ڪوڙو ناٽڪ رچايو، ڀارت کي پنهنجين پاليسين تي هڪ ڀيرو ٻيهر نظرثاني ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، ڀارت آبي دهشتگردي ذريعي 24 ڪروڙ پاڪستانين کي يرغمال بڻائڻ چاهي ٿو، ڀارت پنهنجي مرضي پاڪستان تي مڙهي نٿو سگهي. ڀارت يڪطرفو طور تي سنڌ طاس معاهدي کي معطل نٿو ڪري سگهي، هو پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿو. نائب وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪشمير هڪ عالمي سطح تي تسليم شده مسئلو آهي، جنهن جو پرامن حل خطي ۾ امن آڻيندو. ڀارت عالمي قانونن جي کلي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان پرامن بقائي باهمي جي اصول تي عمل ڪري رهيو آهي. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايران-اسرائيل جنگبندي جو خيرمقدم ڪري ٿو. پاڪستان هميشه ايران جي قانوني موقف جي حمايت ڪندو رهيو آهي. ايران جي جوهري مسئلي جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍڻ گهرجي، جڏهن ته غزه ۾ انساني الميا جاري آهي. پاڪستان کي وچ اوڀر جي تازين حالتن تي ڳڻتي آهي.