نوجوان آفيسر قوم جي خدمت کي پنهنجو نصب العين بڻائين: فيلڊ مارشل عاصم منير

راولپنڊي: فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته نوجوان آفيسرن کي سالميت، پيشه ورانه صلاحيت ۽ ملڪ سان لگن جا اعليٰ ترين معيار اپنائڻ گهرجن. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير سول سروسز اڪيڊمي جي 52 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام ۾ تربيت هيٺ آفيسرن سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، ان موقعي تي فيلڊ مارشل عاصم منير قومي سلامتي، اندروني ۽ ٻاهرين چئلينجن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي تحفظ ۾ هٿياربند فوج جي ڪردار تي بحث ڪيو، جڏهن ته آرمي چيف رياستي گورننس جي جوڙجڪ ۾ هڪ قابل سول بيوروڪريسي جي ناگزير ڪردار کي به اجاگر ڪيو. شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته نوجوان آفيسرن کي سالميت، پيشه ورانه صلاحيت ۽ ملڪ لاءِ لگن جا اعليٰ ترين معيار اپنائڻ گهرجن ۽ قوم جي خدمت کي پنهنجو نصب العين بڻائڻ گهرجي. آءِ ايس پي آر موجب، ڪمن ٽريننگ پروگرام جي شرڪت ڪندڙن اعليٰ فوجي قيادت سان سڌو سنئون ملاقات ڪرڻ ۽ فوج جي اسٽريٽجڪ ويزن، آپريشنل تيارين ۽ قومي ترقي ۾ ڪردار کي سمجهڻ جي موقعي کي ساراهيو. آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات هڪ بامعني سوال ۽ جواب جي سيشن سان ختم ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔