اسرائيل سان جنگ ۾ 610 شهري شهيد، چار هزار 700 کان مٿي زخمي ٿيا: ايران

تهران: ايران چيو آهي ته اسرائيل سان جنگ جي شروعات کان وٺي هيل تائين گهٽ ۾ گهٽ 610 ڄڻا شهيد ۽ 4 هزار 700 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.

ايران جي صحت واري وزارت جي ترجمان حسين ڪرمان پور ايڪس تي پيغام ۾ چيو ته اسرائيلي حملن ۾ مجموعي طور تي ايران جا 5 هزار 5356 شهري متاثر ٿيا، جن مان 610 شهيد، 4 هزار 746 زخمي ٿيا، هن وقت 971 زخمي اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن

زخمين ۾ طبي عملي جو انگ 25 آهي، 7 اسپتالن کي به نشانو بڻايو ويو، 9 ايمبولينسون تباهه ٿيون ۽ 4 صحت مرڪز متاثر ٿيا.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي سڀ اهي عام ماڻهو آهن، جن بابت دنيا جي سڀ کان ڪوڙي حڪومت پنهنجي جارحاڻي ڪارروائي شروع ڪندي چيو هو ته اسان جي ايراني عوام سان ڪا دشمني ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔