راولپنڊي: ڏکڻ وزيرستان ۾ هندستان جي سرپرستي ۾ فتنه الخوارج سان جهڙپن ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر معيز عباس جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي.
پاڪستاني فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ (آءِ ايس پي آر) موجب، ميجر سيد معيز عباس شاهه جي جنازي نماز چڪلالا گيريزن راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير، گهرو وزير محسن نقوي ۽ اعليٰ فوجي عملدارن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته ميجر سيد معيز عباس بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيو. هن پنهنجو فرض ادا ڪندي پنهنجي جان قربان ڪئي ۽ بهادري، قرباني ۽ حب الوطني جون اعليٰ روايتون قائم ڪيون.
آرمي چيف چيو ته پوري قوم شهيد جي خاندان سان گڏ بيٺي آهي ۽ وطن جي دفاع لاءِ انهن جي قرباني کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته اسان شهيدن جا قرضدار آهيون، شهيدن جو رت قوم جي استحڪام جي بنياد آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، ميجر معيز ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سراروغا ۾ پرڏيهين سان وڙهندي شهيد ٿي ويو، سندس مڙهه کي مڪمل فوجي اعزاز سان تدفين لاءِ سندس اباڻي علائقي ڏانهن موڪليو ويو.